سوسن ٻوٽو

سوسن ٻوٽو

سوسن ٻوٽو

سوسن (ٻوٽو): هن ٻوٽي کي عام طور ’نرگس‘ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات جلد ٻئي ۾ هن ٻوٽي کي نرگس جو هڪ قسم ڄاڻايو آهي. انگريزي زبان ۾ هي ٻوٽو Lily ۽ Asiatic Lily ۽ Oriental Lily جي نالن سان مشهور آهي، جڏهن ته نباتياتي زبان ۾ سوسن ٻوٽي کي Lilium چوندا آهن، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Linnaean مان اخذ ڪيل آهي.
هيءُ Liliaceae ڪٽنب جو ڳنڌدار ٻوٽو آهي، جنهن کي چٽڪمرا گل ۽ سنهيون ڊگهيون ڏانڊيون ٿين ٿيون. هن جي ٻين عام جنسن ۾ نيل ڪنول، نيلوفر، آبي سوسن ۽ ڪوڻيءَ جو گل شامل آهن. عبراني ٻوليءَ مان بائيبل جي سڀني انگريزي ترجمن ۾ هن گل جو ذڪر Shushan، Shoshan ۽ Shoshanna نالن سان ملي ٿو. هن ٻوٽي مان 6 انچ قطر تي مشتمل نفير- شڪل (Trumpet- shaped) جا گل ڦٽن ٿا. 3 فوٽ ڊگهي (نازڪ) ڏانڊيءَ تي لڳ ڀڳ چئن کان اٺ گل ٽڙندا آهن. هنن گلن جي زندگي وڌ ۾ وڌ ٻن هفتن جي هوندي آهي.
هي سدا بهار ٻوٽو ٻن کان 6 فوٽ (180- 60 سينٽي ميٽر) تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هن جا گل وڏا، اڪثر خوشبودار ۽ اڇي، پيلي، نارنگي، گلابي، ڳاڙهي ۽ واڱڻائي رنگن سميت مختلف رنگن جي امتزاجي شڪل ۾ به ملن ٿا. شادي يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي سجاوٽ توڙي گلدستن ۾ هن گل جو تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هيءُ ٻوٽو يورپ کان ويندي ننڍي کنڊ، جپان، ڏکڻ هندستان، چين، فلپائين، ڏکڻ ڪئناڊا، آمريڪا سميت سنڌ ۽ ٻين ملڪن ۾ وسيع پئماني تي ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ تفريحي مقامن، باغن، گهرن ۽ ٻين هنڌن تي خوبصورتيءَ لاءِ پوکيو ويندو آهي. هن ٻوٽي ۾ بهار ۽ اونهاري جي مند ۾ گل ڦٽن ٿا. عام طور هي ٻوٽو ساوڪ وارن گرم علائقن ۽ ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو. سونهن ۽ رنگن جي امتزاجي خوبصورتيءَ سبب هن ٻوٽي جي گلن جو وڪرو گلاب ۽ موتئي کانپوءِ ٽئين نمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو